16/01/2026
تمام عالم اسلام کي معراج النبي ﷺ مبارڪ هجي.
ادب ۾ آهي چنڊ ۽ ستارا پِڻ سُجود ۾
فَرشتا آسمان تي دَرود جي سَرود ۾
جڏھين مديني جا سائينﷺ عرش تي ھليا
نُــــوري فلڪ جـا به دروازا کُـــــلـــي وَيـــــا
جڳ ۾ اعلان ٿيو آ مدنيﷺ مھمان ٿيو آ
عــرشـــن تــــي خــود رب مــيــزبــــان آ
ٿـيـو راز نه ڪنهن تــي اھڙو
احمدﷺ تي احد جو آ جھڙو
رب سان مُحَمَّدَ مٺاﷺ پئي روبرو مليا
نــــوري فلڪ جـا..................
آدم عـ نه ويو ۽ عيسيٰ
يعقوب نه يونس موسيٰ
واللّٰه فقط گھوٽ عربيﷺ عرش پئي گھميا
نــــوري فلڪ جـا..................
عـرشـن تــــي بـھـاري ٿي آ
سرڪارﷺ جي تياري ٿي آ
آهن خدا جا نبيﷺ تي ڏاڍا راز ٿيا
نــــوري فلڪ جـا..................
ھي شان نبيﷺ جو آهي
ڇا "جوکيو نصير" ٻڌائــي
لائق بُلند مَرتبي جَي مصطفيٰﷺ بڻيا
نــــوري فلڪ جـا..................
#فيضانِ_محبوب_مرشد_حسين_جاری_رهے_گا_انشاءاللہ