31/10/2025
ٿورو اُونچو ڳاٽ ڪَيائين- گُم ٿي ويو!
ڪاري ڪاري رات چَيائين- گُم ٿي ويو!
جيسين ويٺو ماٺ هُيو، مَحفوظ هيُو،
گُم ٿيلن جا پير کنيائين- گُم ٿي ويو!
ڳاڙها جَهنڊا آڻي، حيدر چونڪ مٿي،
هِڪڙي ننڍڙي چِيخ هَنيائين- گُم ٿي ويو!
جيسين ننڊ پيو هو، تيسين زندهه هو،
جَنهن ڏينهن ٿوري اَک پَٽائين- گُم ٿي ويو!
ڪَمري جي کِڙڪي کي کولي، مُرڪيو،
اُڀ تي چوڏهين چنڊ ڏٺائين- گُم ٿي ويو!
هِي ته وَڃن ٿا مارڻ مُنهنجي ٻارن کي،
سوچي! پَنهنجي واٽَ مَٽيائين- گُم ٿي ويو!
نالي ماتر آزاديءَ کي گار ڏيئي،
ٻِيڙا کولي واءُ جَهٽيائين- گُم ٿي ويو!
کِلندي کِلندي ساٿين سان گڏ راتين جو،
پيرن جا زنجير ڪَٽيائين- گُم ٿي ويو!
دُنيا جو دستُور پَڙهي، ڀُڻڪار ڪري،
سُڏڪي سِنڌ جو ناءُ لکيائين- گُم ٿي ويو!
شاعري: سرواڻ سنڌي